ڀُٽو ۽ تاريخ

ڀُٽو ۽ تاريخ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب عمر ميمڻ جو ترجمو ڪيل ۽ ترتيب ڏنل آهي، جيڪو عظمت ادبي اڪيڊميءَ جو ڪتاب نمبر 39 آهي. هن ڪتاب ۾ پاڪستان جي مدبر سياستدان ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي تاريخ ۽ حيثيت جو تعين ڪيو ويو آهي.ته هو پاڪستان، ٽين دنيا ۽ اسلامي دنيا جو اهم اڳواڻ هو. ڪرائون سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 10 رپيا آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، مارچ 1967ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو، اپريل 1989ع ۾ عظمت ادبي اڪيڊميءَ پاران احمد برادرس پريس ناظم آباد ڪراچيءَ مان ڇپرائي 13 نظام لاج، گاڏي کاتي حيدرآباد مان پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو